خير محمد خضري مولانا

خير محمد خضري، مولانا: هيءُ وڏو مفتي ۽ عالم ٿي گذريو آهي. هن جي پيءُ جو نالو پيارو خان مگسي هو. ڳوٺ علي خان مگسي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ جنم ورتائين. هن مدرسي در ملوڪ شاهه ۾ مولانا عبدالڪريم چانڊيي، مولوي عبدالنبي شاهه ۽ مولانا سليمان ٻنويءَ وٽ وڏي ڄمار ۾ تعليم حاصل ڪئي. مولانا وڏي ڄمار ۾ پڙهڻ ويٺو هو، ان ڪري لکي نه سگهندو هو، ٻئي ڪنهن عالم کان لکرائيندو هو. پهريان ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو، پوءِ وڃي ڪنهن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪندو هو. پڇاڙيءَ ۾ لاڳيتو ٻه ٽي سال پڙهي تعليم مڪمل ڪيائين. مولانا سليمان ٻنويءَ وٽ ڪجهه وقت فارسي پڙهيو. سندس دستاربندي مولانا سيد عبدالنبي شاهه وٽ ٿي. مولانا پاڻ کي خضري سڏائيندو هو. هن بابت مولانا حاجي احمد ملاح پنهنجي منظوم سوانح عمريءَ ۾ لکيو آهي ته، مولانا خير محمد خضري علم جي هر فن ۾ يڪتا هو پر نحو ۽ صرف جو ڄڻ امام هو. هن تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪيترن مدرسن ۾ ماڻهن کي ديني تعليم کان روشناس ڪيو. هيءُ فيصلن ڪرڻ ۾ ايمانداريءَ سبب گهڻو مشهور هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو